لاهور: ) ڀارتي اداڪاره راکهي ساونت مفتي قوي کي چيو آهي ته هو مون کي سنڀالي نه سگهندو. راکهي ساونت هلندڙ ڏينهن دوران پاڪستاني مذهبي اسڪالر مفتي عبدالقوي جي شادي جي آڇ سبب خبرن جي زينت بڻيل آهي. مفتي قوي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ راکهي ساونت سان شادي جي مشروط آڇ جو اظهار ڪيو هو. راکهي مزحيه انداز ۾ جواب ڏيندي چيو هو ته مولانا سان شادي جي خواهشمند آهيان جڏهن ته هن مفتي قوي سان شاعري جي فرمائش به ڪئي هئي.
راکهي ساونت نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي هاڻ چيو آهي ته مان مفتي قوي سان شادي جي باري ۾ سنجيده نه آهيان، هن چيو ته مون کي خبر ناهي ته مفتي قوي جون 100 گهر واريون آهن يا 900 پر مان اڪيلي ئي هڪ لک عورتن جي برابر آهيان ۽ مفتي قوي مون کي سنڀالي نه سگهندو.
ڀارتي اداڪاره چيو ته مان اڃان تائين سچي محبت جي ڳولا ۾ آهيان، مون کي ڀارت ۾ سچو پيار نه مليو، منهنجي پٺيان تمام گهڻا نوجوان لڳل آهن جيڪي مون مان صرف فائدو حاصل ڪرڻ چاهين ٿا.
هڪ سوال جي جواب ۾ راکهي چيو ته جڏهن مودي پاڪستان اچي سگهي ٿو ته مان ڇو نٿي اچي سگهان، جڏهن ته زال مڙس راضي هجن ته قاضي ڇا ٿو ڪري سگهي.
راکهي ساونت هانيه عامر جي تعريف ڪندي چيو ته هانيه عامر مون کي پسند آهي اها هڪ سٺي ۽ شريف ڇوڪري آهي. ياد رهي ته انهي کان اڳ مفتي قوي راکهي ساونت سان شادي جي تاريخ ٻڌائي هئي، نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي مفتي قوي دعويٰ ڪئي ته منهنجي راکهي ساونت سان تمام جلد نڪاح ٿي رهيو آهي.