مورو: اڳوڻو وفاقي وزير، نيشنل پيپلز پارٽي چيئرمين ۽ جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ خان جتوئي کي نوشھروفيروز ڪورٽ مان ھڪ ڪيس مان ضمانت وٺي واپس ٻاھر نڪرڻ دوران پوليس اي ٽي سي جي ڪيس ۾ شنوائي تي غير حاضر ھجڻ تي ضمانت رد ٿيڻ تي ڪورٽ ٻاھران ڪار جو گھيرو تنگ گرفتاري وارنٽ ڏيکاري گرفتار ڪري وٺي وئي.
ٻڌايو پيو وڃي تہ سال 2024 واري اليڪشن ۾ دوران وزٽ پولنگ اسٽيشنن علي بخش سولنگي ۾ فائرنگ دوران فوت ٿيل بلاول زرداري جي ڪيس ۾ دھشتگردي واري عدالت ۾ ھڪ شنوائي تي غير حاضر ھجڻ تي ضمانت رد ٿيڻ تي کيس گرفتار ڪيو ويو آھي.
مرتضي’ خان جتوئي کي پوليس ڪيڏانهن کڻي وئي اھو ڪجھ به نه ٻڌايو ويو آھي ٻئي پاسي اھم ذريعن کان معلوم ٿيو آھي تہ غلام مرتضي’ خان جتوئي کي پوليس نوابشاھ کڻي وئي آھي. گرفتاري دوران پارٽي اڳواڻن ڪارڪنن پاران پوليس گرديءَ خلاف سخت نعري بازي پڻ ڪئي ۽ مطالبو ڪيو تہ کيس جلد کان جلد آزاد ڪيو وڃي. جڏھن تہ اھڙي عمل تي نوان جتوئي شھر بند ڪيو ويو آھي. جتي چيو پيو وڃي تہ جيڪڏهن کيس جلد آزاد نہ ڪيو ويو تہ پوري سنڌ ۾ احتجاجن جو سلسلو تيز ڪيو ويندو.