150

ڊاڪٽر آڪاش کي سندس ويڳي پٽ قتل ڪيو، واقعي کي لڪائڻ لاءِ لاش کي باهه ڏني: ايس ايس پي فرخ لنجار

حيدرآباد: ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار ايس ايس پي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر آڪاش کي سندس ويڳي پٽ لطيف آڪاش قتل ڪيو آهي، هُن واقعي کي لڪائڻ لاءِ بعد ۾ لاش کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، قتل ۾ استعمال ٿيل اوزار پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر آڪاش جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاء وارثن سان رابطو ڪري کين راضي ڪيو هو.

ايس ايس پي چيو ته ڊاڪٽرن پوسٽ مارٽم ۾ ٻڌايو ته شارٽ سرڪٽ سبب باھ ۾ سڙڻ جو واقعو نه ھو، ڊاڪٽر جي جسم تي تشدد ۽ تيز ڌار اوزار جا زخم نظر آيا  پھريان اھو شڪ ظاھر ٿيو ته ڇت جا شيشا ٽٽڻ سبب جسم ۾ لڳا ھجن پر اھا به غلط ثابت ٿي، واقعي جي جاچ شروع ڪئي. جنھن ۾ پٽ لطيف آڪاش ۽ ڊرائيور اياز سيال کان پڇا ڳاڇا ڪئي. جنھن ۾ وارثن بہ پوليس سان سھڪار ڪيو ۽ کين پوليس حوالي ڪيو.، جڏھن لطيف آڪاش کان سوال ڪيا ته هو مثبت جواب ڏيڻ کان گھٻرائيندو رھيو لطيف آڪاش جي واقعي کان اڳ ۽ پوء جي موومينٽ کي چيڪ ڪيو

جاچ ۾ اھو ثابت ٿيو ته آڪاش انصاري جو قتل ٿيو آھي. جاچ ٽيم ڏينھن رات ھڪ ڪري ڪيس کي ٽريس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.  آڪاش انصاري جو پٽ لطيف آڪاش قاتل آھي. جنھن وڏي بي رحمي سان پيء کي تيز ڌار آلي سان قتل ڪيو ان بعد اھو ھليو ويو ۽ اتان وري واپس گھر اچي واقعي کي لڪائڻ لاء پيء جي لاش کي باھ ڏئي ڇڏي ۽ چيو ته واقعو شارٽ سرڪٽ سبب ٿيو آھي. قتل ۾ استعمال ٿيل اوزار به ھٿ ڪري ورتو آھي ۽ قاتل ڏوھ جو اعتراف ڪيو آھي. ھن وقت تائين ڪيل جاچ ۾ اھو ھڪ ئي قاتل نڪتو آھي. قاتل ٻڌايو ته پيء سان رنجش ھئي. ان جو ورتاءُ سٺو نه ھو هن چيو ته کيس تذليل کي منھن ڏيڻُ پوندو هو جنهن سبب . منشيات استعمال ڪندو هئس.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں