81

هالا: ڳوٺ لقمان ڪوريجو ۾ هوٽل جي ڇت ڪرڻ سبب 2 نوجوان دٻجي فوت، هڪ زخمي

ھالا: ھالا ڀرسان افسوسناڪ واقعو پيش آيو آھي، ڳوٺ لقمان ڪوريجو ۾ ھوٽل جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا جڏهن ته ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو آھي.

ڳوٺ لقمان ڪوريجو ۾ هوٽل جي ڇت اوچتو ڪرڻ سبب 22 ورھين جو ڀورل پٽ ڦوٽل ڪوريجو ۽ 33 ورھين جو راشد پٽ زين العابدين ڪوريجو دٻجي فوت ٿي ويا، جڏھن تہ رفيق ڪوريجو سخت زخمي ٿي پيو،

اهڙي اطلاع تي وڏي انگ ۾ ڳوٺاڻا گڏ تي ويا ۽ پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪوششون ڪري ٻن فوتين جا لاش ۽ ھڪ زخمي کي ڪڍي تعلقہ اسپتال ھالا منتقل ڪيو ويو.

ھالا اسپتال مان قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گھر پھچڻ تي گھرن ۾ ڪھرام متل ھو، جڏھن تہ زخمي کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں