72

ملڪ ۾ ٿيندڙ شهادتون دهشتگردن کي واپسي جي اجازت ڏيڻ جو نتيجو آهن: اسحاق ڊار

نيويارڪ: نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته ملڪ ۾ اڄ ٿيندڙ شهادتون سرحد پار ڀڳل دهشتگردن کي واپسي جي اجازت ڏيڻ ۽ قاتلن کي جيلن مان ڇڏائڻ جو نتيجو آهن.

نيويارڪ ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي معيشت صحيح رستي تي هلي رهي آهي. مهانگائي جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي، پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو مان گهٽ ٿي 12 سيڪڙو تي اچي چڪو آهي، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سبب معاشي استحڪام پيدا ٿي رهيو آهي، جڏهن ته اقتصادي اشارا به بهتر ٿي رهيا آهن.

هن چيو ته هر مهيني هر سياسي پارٽي چوندي هئي ته ملڪ ڊيفالٽ ٿي ويندو. اسان ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچايو، هاڻ پاڪستان جي معاشي بهتري جو دنيا اعتراف ڪري رهي آهي، اسان زبون حال معيشت کي ٻيهر مستحڪم ڪيو، مشڪل حالاتن مان ڪڍي معيشت کي ٻيهر مستحڪم ڪرڻ آسان ڪم  ناهي هوندو.

نائب وزيراعظم چيو ته سموري دنيا کي مختلف مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. عالمي مسئلن تي ڳالهيون ۽ غور فڪر جي لاءِ جمع ٿيا آهيون. جڏهن به آمريڪا جو دورو ڪيو ته پاڪستاني ڪميونٽي سان ملاقات کي اوليت ڏني.

اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ اڄ ٿيندڙ شهادتون سرحد پار ڀڳل دهشتگردن کي واپسي جي اجازت ڏيڻ ۽ قافلن کي جيلن مان ڇڏائڻ جو نتيجو آهن. دهشتگردي ختم ٿي چڪي هئي پر هاڻ ٻيهر وڌي رهي آهي. گذريل 2 سالن ۾ دهشتگردي جي لهر ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو، اسان کي جائزو وٺڻ گهرجي ته ائين ڇو ٿي رهيو آهي، دهشتگردي سبب پاڪستان کي معاشي لحاظ سان تمام گهڻو نقصان ٿيو، چاهيون ٿا ته ايندڙ نسلن جي لاءِ محفوظ ۽ ترقي يافته ملڪ ڇڏي وڃون. هن چيو ته پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن کي اسان ٻيهر بهتر ڪيو، پاليسي ۽ فيصله سازي صرف  ۽ صرف ملڪ جي بهتري ٿيڻ لاءِ ٿيڻ گهرجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں