اسلام آباد: پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت بلوچستان حڪومت ۾ سياسي اختلافن جي حل لاءِ وڏي وزير کي اسلام آباد طلب ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ملڪ شاهه گورگيج جي ڪوئٽه ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ هن سرفراز بگٽي کي مرڪزي قيادت جو پيغام ڏنو ۽ صوبي جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ملاقات کان پوءِ وڏو وزير سرفراز بگٽي ۽ ايم اين اي ملڪ شاهه گورگيج اسلام آباد جي لاءِ روانا ٿي ويا. وڏو وزير ۽ ملڪ شاهه گورگيج جي اسلام آباد ۾ صدر آصف زرداري ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات جو امڪان آهي. جڏهن ته انهي کان اڳ زراعت واري وزير علي حسن زرداري سميت پيپلز پارٽي جي ٻين اسيمبلي ميمبرن به ڪراچي ۾ فريال ٽالپر سان ملاقات ڪئي هئي.
اهڙي ملاقات کان پوءِ قومي اسيمبلي جي ميمبر ملڪ شاهه گورگيج کي ٽاسڪ ڏنو ويو هو ته هو وڏي وزير سان ملاقات ڪري پيپلز پارٽي جي صوبائي اڳواڻن ۾ جاري اختلافن جي حوالي سان مسئلن کي حل ڪرائي.