96

لعل شهباز قلندر مزار جي ويجهن علائقن مان 10 پانڌيئڙن جا لاش هٿ

سيوهڻ: لعل شهباز قلندر جي مزار جي ويجهن علائقن مان 10 پانڌيئڙن جا لاش هٿ آيا آهن، رپورٽ موجب لعل شهباز قلندر جي عرس مبارڪ جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ شرڪت لاءِ پانڌيئڙا مختلف علائقن مان مزار جو رخ ڪري رهيا آهن.

ايڌي انچارج موجب مزار جي ڀر وارن علائقن مان 10 پانڌيئڙن جا لاش مليا آهن، سمورن پانڌيئڙن جون فوتگيون طبي طور تي ٿيون آهن.

ايڌي انچارج ٻڌايو ته سمورا لاش 3 ڏينهن دوران مليا جن مان اڪثريت جو تعلق پنجاب سان ٻڌايو پيو وڃي، هينئر تائين 9 لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں