79

پي ٽي آءِ باني جي گهر واري سان ملاقات نه ڪرائڻ تي اڊيالا جيل جو سپرنٽينڊنٽ عدالت طلب

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان سان سندس گهر واري جي ملاقات نه ڪرائڻ تي اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر عدالتي حڪم تي عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي سان ملاقات نه ڪرائڻ تي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ۾ دليل ڏيندي عمران خان جي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقات بابت عدالت جي حڪم تي اڃان تائين عمل نه ٿيو آهي. 28 جنوري تي جيل سپرنٽينڊنٽ عدالت ۾ عمران خان جي بشريٰ بي بي سان ملاقات ڪرائڻ جو بيان ڏنو هو.

فيصل چوڌري چيو ته جيل سپرنٽينڊنٽ جي بيان ڏيڻ باوجود بشريٰ بي بي جي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڇو نه پئي ڪرائي وڃي. انهي موقعي تي عدالت اسٽيٽ ڪونسل کان پڇيو ته ڇو عدالتي حڪم تي عمل نه ٿي سگهيو، آرڊر تي عمل يقيني بنايو وڃي. جنهن کان پوءِ هاءِ ڪورٽ 27 فيبروري تي اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊٽ کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں