لاهور: اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي صدر ميان نوازشريف چيو آهي ته ملڪ هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهي رهيو آهي، هاڻ لانگ مارچ، ڌرڻن ۽ پرتشدد احتجاج جي اجازت نه ڏني ويندي.
اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان سينيٽر عرفان صديقي رائيونڊ ۾ ملاقات ڪئي ۽ سينيٽ ۾ پارلياماني پارٽي جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني. انهي موقعي تي ڳالهيون ڪندي نواز شريف چيو ته هڪ گروپ سنجيده ڳالهين ۽ سياسي افهام وتفهيم جي صلاحيت نٿو رکي.
هن چيو ته 2013 کان شروع ٿيندڙ ترقي جو سفر جاري رهي ها ته اڄ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي ضرورت نه پوي ها نه ئي وري ٻاهرين مدد جي. پاڪستان جي عوام هاڻ ڪنهن کي تعمير ترقي جي سفر ۾ رنڊڪ وجهڻ جي اجازت نه ڏيندي، مصنوعي سياسي بحران پيدا ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.
هن چيو ته ملڪ هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهي رهيو آهي، هاڻ لانگ مارچ، ڌرڻن ۽ پرتشدد احتجاج جي اجازت نه ڏني ويندي. پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر انتشار پکيڙيندڙن جا ارادا بي نقاب ڪرڻا پوندا. مسلم ليگ(ن) جا پارليامينٽ ميمبر بهتر ڪردار ادا ڪن ۽ عوام سان مضبوط رابطا رکن.