89

ملتان ۽ رحيم يار خان ۾ روڊ حادثن سبب 9 ڄڻا فوت

ملتان: ملتان ۽ رحيم يار خان ۾ ٿيل روڊ حادثن ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، ريسڪيو اختيارين موجب رحيم يار خان ۾ قومي شاهراهه تي بس ۽ رڪشي ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت جڏهن ته 7 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو اختيارين ٻڌايو ته قومي شاهراهه تي حادثو ڪوهيڙي ۽ تيز رفتاري سبب پيش آيو، لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف ڪراچي کان سوات ويندڙ مسافر بس کي شاهه رڪن عالم انٽرچينج ڀرسان حادثو پيش آيو جنهن ۾ مسافر بس ۽ ٽرالر جي ٽڪر ٿي جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت جڏهن ته 7 زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب مسافر بس پهريان موٽروي تي ڊيوائيڊر سان ٽڪرائجي ۽ پوءِ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، ٽڪر سبب مسافر بس جو اڳيون حصو تباهه ٿي ويو جڏهن ته ٽرالر ڪلٽي ٿي پيو.

ٻئي پاسي پڊعيدن ۾ مورو ڀرسان ٽرالر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار فوت ٿي ويو جڏهن ته سرگودها ۾ هجن روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي سيم نالي ۾ ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 مزدور زخمي ٿي پيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں