78

بارکهان ۾ بس مان لاهي 7 مسافرن کي قتل ڪرڻ جو ڪيس نامعلوم ماڻهن خلاف داخل

ڪوئٽه: بلوچستان جي ضلعي بارکهان ۾ بس مان لاهي 7 مسافرن کي قتل ڪرڻ جو ڪيس نامعلوم ماڻهن جي خلاف داخل ڪيو ويو آهي.

پوليس اختيارين موجب بارکهان جي علائقي رڙڪن ۾ گذريل رات ڪوئٽه کان فيصل آباد ويندڙ مسافر بس کي دهشتگردن روڪي 7 مسافرن کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏسي بس مان لاهي قتل ڪري ڇڏيو هو.

واقعي جو ڪيس سي ٽي ڊي لورالائي ٿاڻي ۾ ايس ايڇ او سي ٽي ڊي جي مدعيت ۾ نامعلوم ماڻهن جي خلاف داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ قتل ۽ دهشتگردي جي خاتمي وارا قلم به شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اڃان تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

ياد رهي واقعي ۾ مارجي ويل ماڻهن مان هڪ جو تعلق لودهران، ٻن جو فيصل آباد، هڪ جو لاهور، ٻن جو وهاڙي ۽ هڪ جو تعلق شيخوپوره سان هو. صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف دهشتگردي جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذڪت ڪئي هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں