ڪوٽڏيجي: ڪوٽڏيجي ڀرسان پاران فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪرڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن پاران لاش پراڻي نيشنل هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي آهي.
ڳوٺ نهال سوهو واسي نوجوان نظر حسين سوهو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن جو قتل ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي.
ڪوٽڏيجي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو جاچ ڪري رهيا آهيون جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.