148

پي ٽي آءِ وارا پهريان آرمي چيف کي پيءُ سڏيندا هئا، هاڻي بدڪلامي ڪري رهيا آهن: خواجه آصف

اسلام آباد: بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني فوج کي پنهنجي پارٽي جو ذيلي ادارو بڻائڻ چاهي ٿو.

هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير برطانيه جي اهم دوري تي آهي، جتي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، پاڪستان ۽ برطانيه جا تاريخي لاڳاپا آهن، جڏهن ته ملڪ جي وڏي آبادي برطانيه ۾ رهندڙ آهي.

سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف وارا پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ باني فيض حميد کي آرمي چيف بڻائڻ پئي چاهيو ۽ فوج کي پنهنجي پارٽي جو حصو بڻائڻ چاهي ٿو.

هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف جهڙي عادت دنيا جي ڪنهن به پارٽي ۾ ناهي، اهي اڳ آرمي چيف کي پيءُ سڏيندا هئا، هاڻي ان بابت بدڪلامي ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته 9 مئي ۽ 26 نومبر جا واقعا ڪريل مقصدن لاءِ ڪيا ويا، جڏهن ته قومي ملڪيتن تي حملا ۽ شهيدن جي يادگارن جي بيحرمتي هڪ حقيقت آهي.

خواجه آصف چيو ته تحريڪ انصاف جي سياست رڳو هڪ شخصيت لاءِ آهي، کين ملڪ جي ڳڻتي ناهي ۽ ملڪي مفادن کي نقصان پهچائڻ جون سازشون ڪيون، عوام باشعور آهي ۽ پي ٽي آءِ جو اصل چهرو وائکو ٿي چڪو آهي.

هن چيو ته ملڪي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، عالمي ادارا پاڪستان جي معيشت جي ساراهه ڪري رهيا آهن، جڏهن ته تحريڪ انصاف وارن آءِ ايم ايف کي خط لکي معيشت کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

بچاءَ واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ وارا پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن ته ملڪ ڏيوالي جو شڪار ٿي ويندو، اهي آمريڪا ۾ لابيز تي پيسا خرچ ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته هڪ پاسي پي ٽي آءِ باني جيل مان آرمي چيف کي خط لکي منٿون پيو ڪري، ته ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي ناڪاري مهم هلي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪا به سازش ملڪ کي نقصان نه پهچائي سگهي، نواز شريف جا اسٽيبلشمينٽ سان اختلاف رهيا، سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو، پر هن ملڪ خلاف ڪو غلط قدم نه کنيو.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج هن وقت بي مثال قربانيون ڏئي رهي آهي، عدليا به هڪ پراسس ذريعي آزاد ٿي چڪي آهي ۽ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ حالتون بهتر ٿي وينديون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں