اسلام آباد: مخالف ڌر جي اڳواڻن چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سان ملاقات ڪئي، جتي پي ٽي آءِ اڳواڻن اڊيلا جيل ۾ قيد پارٽي سربراهه عمران خان سان ملاقات نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي.
ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب ٻڌايو ته اڳئين جيل ٽرائل دوران چيف جسٽس کان عمران خان سان ملاقات جي اجازت ورتي وئي هئي.
ملاقات ۾ پي ٽي آءِ باني جي ڪيسن بابت ڳالهه ٻولهه ٿي، چيف جسٽس کي آگاهه ڪيو ويو ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي ڪيسن جي تاريخ بدلجي وڃي ٿي، عدالتي حڪم باوجود ملاقات جو وقت تبديل ڪيو وڃي ٿو.
عمر ايوب جو چوڻ هو ته چيف جسٽس کي ٻڌايو ويو ته وڪيلن کي عمران خان سان ملڻ جي اجازت نه ٿي ڏني وڃي، جڏهن ته ماضي ۾ جيل ٽرائل جي بدران اوپن ٽرائل ٿيندا هئا.
سندس چوڻ هوته سلمان اڪرم راجا چيف جسٽس جي آڏو گمشدگين جو معاملو اُٿاريو ۽ پنجاب ۾ رياستي جبر بابت آگاهي ڏني.
پي ٽي آءِ اڳواڻن جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ پوليس کي پارٽي خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي، بلوچستان جي صورتحال سميت 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي عمران خان جي خط جو به ذڪر ڪيو ويو.
پي ٽي آءِ جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته ملاقات دوران چيف جسٽس کي مهيا ڪيل ڊوزيئر تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، کيس ٻڌايو ته تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن، عمران خان ۽ سندس گهرواري جا ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر نه پيا ٿين، عمران خان کي جيل ۾ ڪتاب ۽ ايڪسرسائز مشين به نه پئي ڏني وڃي.
پي ٽي آءِ سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ انساني حق ختم ٿي چڪا آهن، انصاف جي نظام کي مذاق بڻايو ويو آهي ۽ اهو رياست جي هڪ اوزار طور استعمال ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن هن صورتحال جو نوٽيس نه ورتو ويو ته عوام احتجاج تي مجبور ٿيندو.
سلمان اڪرم راجا وڌيڪ چيو ته قانون جي حڪمراني قائم ٿيڻ گهرجي، عدالت کي ڏسڻ گهرجي ته عدالتي نظام کي ڪنهن ذاتي مقصد لاءِ ته استعمال نه ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن عدالت مان رستو نه نڪري ته سياسي جدوجهد ئي حل هوندي.