اسلام آباد: انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) چولستان منصوبي کي پاڻي فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ارسا سيڪريٽري پنجاب حڪومت کي پاڻي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، ارسا جي منظوري کانپوءِ پنجاب حڪومت ستلج سليمانڪي هيڊ ورڪس مان چولستان ڪئنال ڪڍندي.
ارسا اختيارين جو چوڻ آهي ته چولستان منصوبي لاءِ 4 لک 50 هزار ايڪڙ فٽ پاڻي دستياب هوندو.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ چولستان ۾ ”گرين پاڪستان“ منصوبي جي شروعات ڪئي وئي، تقريب ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير شرڪت ڪئي.
ٻئي پاسي سنڌ ۾ سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف مختلف پارٽين طرفان احتجاجي تحريڪ جاري آهي.