اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته چيف جسٽس پاڪستان تحريڪ انصاف کي نظام جو حصو بنجي رهڻ ۽ بائيڪاٽ کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.
جمعي تي چيف جسٽس سان ملاقات ڪندڙ وفد ۾ شامل هڪ ذريعي ٻڌايو ته چيف جسٽس چيو هو ته پي ٽي آءِ وارن کي سپريم جوڊيش: ڪميشن جي آخري اجلاس جو بائيڪاٽ نه ڪرڻ گهرجي ها، اهو اجلاس سپريم ڪورٽ ۾ عدالتي مقررين تي غور ڪرڻ لاءِ طلب ڪيو ويو هو. وفد کي ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جا ميمبر اجلاس ۾ شريڪ ٿين ها ته ڪجهه مقرريون مختلف ٿي سگهيون ٿي.
انهي حوالي سان رابطو ڪرڻ تي پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر خان تصديق ڪئي ته چيف جسٽس پي ٽي آءِ کي نظام ۾ رهڻ ۽ ججن جي مقرري واري عمل جي بائيڪاٽ کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.
ملاقات ۾ شامل پي ٽي آءِ جي هڪ ٻئي اڳواڻ نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته چيف جسٽس چيو هو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ اجلاسن ۾ شريڪ ٿئي ها ته سپريم ڪورٽ جي ڪجهه مقررين ۾ ضرور فرق پوي ها.
هن وضاحت ڪئي ته چيف جسٽس جو پي ٽي آءِ کي سسٽم جي اندر رهڻ جو مشورو پارٽي طرفان سپريم جوڊيشل ڪميشن جي آخري اجلاس جي بائيڪاٽ جي حوالي سان هو.