87

اپوزيشن اتحاد ۾ واڌ، پي ٽي آءِ جي چيف جسٽس سان ملاقات کان پوءِ صدر، وزيراعظم وچ ۾ اهم ملاقات جو امڪان

اسلام آباد: اپوزيشن پارٽين جي حڪومت مخالف اتحاد کي واڌ ڏيڻ جي فيصلي ۽ پي ٽي آءِ جي وفد جي چيف جسٽس پاڪستان سان ملاقات کان پوءِ صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف وچ ۾  اهم ملاقات جو امڪان آهي، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

رپورٽ موجب صدر آصف علي زرداري اڄ ٻن ڏينهن جي دوري تي لاهور پهچندو. رپورٽ موجب صدر آصف علي زرداري انهي دوري دوران سياسي ملاقاتون ڪندو  ۽ دربي ريس ۾ شرڪت پڻ ڪندو.

رپورٽ موجب ذريعن چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري جي لاهور ۾ قيام جي دوران وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ۾ ملاقات جي دوران حڪمران اتحادين وچ ۾ پاور شيئرنگ فارمولا ۽ ٻئي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

ذريعن موجب آصف علي زرداري گورنر هائوس ۾ سردار سليم حيدر سان پنجاب جي صورتحال تي به ڳالهيون ڪندو. صدر آصف علي زرداري ڏکڻ پنجاب جي صدر اڳوڻي گورنر مخدوم احمد محمود جي گهر به ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر آصف علي زرداري آچر تي لاهور پريس ڪلب ۾ ٿيندڙ ڊربي ريس ۾ مهمان خصوصي جي طور تي شرڪت پڻ ڪندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں