لاهور: پنجاب حڪومت مريم نواز ڪميونٽي هيلٿ سروس متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي اهڙي قدم سان صحت کاتي جا 19 اهم ٽاسڪ پورا ٿيندا. هيلٿ سروسز جي ذريعي صحت بابت ٽاسڪ پورا ڪيا ويندا.
پنجاب ۾ آئوٽ سورسنگ جي ذريعي پروگرام لاءِ وڌيڪ 20 هزار هيلٿ انسپڪٽر جون خدمتون ورتيون وينديون. ليڊي هيلٿ ورڪر پروگرام کي به مريم نواز ڪميونٽي هيلٿ سروس سان جوڙيو ويندو.
39 هزار ليڊي هيلٿ ورڪر مريم نواز ڪميونٽي هيلٿ سروس فورس جو حصو هوندا. گڏيل طور تي ورڪ فورس تقريبن 60 هزار کان وڌيڪ تي ٻڌل هوندا.
مريم نواز ڪميونٽي هيلٿ سروسز پوليو سميت ٻين ويڪسينيشن جا ذميوار هوندا. ڪميونٽي هيلٿ سروسز سان ميپنگ جو ٽاسڪ به پورو ڪيو ويندو.
پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ڪميونٽي هيلٿ سروسز بابت گڏيل پلان طلب ڪري ورتو آهي ۽ مريم نواز ڪميونٽي هيلٿ سروسز کي فنڪشنل ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.