83

قصور: ڊرائيور کي گاڏي هلائيندي ننڊ اچي وئي، وين نالي ۾ ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 8 ڄڻا فوت

قصور: قصور ۾ صدر ٿاڻي جي حد ۾ رائيونڊ روڊ تي گاڏي هلائڻ دوران ڊرائيور کي ننڊ اچي  وئي جنهن جي نتيجي ۾ وين روهي نالي ۾ ڪري پئي، وين نالي ۾ ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جا 8 ڄڻا فوت جڏهن ته 2 سخت زخمي ٿي پيا.

رپورٽ  موجب بدقسمت خاندان هڪ شادي جي تقريب ۾ شرڪت کان پوءِ رائيونڊ جي علائقي بهٽه سوهنڊن  واپس اچي رهيو هو. ريسڪيو 1122 موجب خميس ۽ جمعي جي رات دير سان کهارا موڙ ڀرسان  روهي نالي  ۾ ڪري پيل وين ۾ هڪ ئي مسيحي خاندان جا 10 ڄڻا سوار هئا، ريسڪيو اهلڪارن وين مان 8 لاش ۽ 2 زخمين کي ٻاهر ڪڍيو.

پوليس لاشن ۽ زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. فوت ٿي ويل ۽ زخمي سمورن ماڻهن جون عمرون 30 کان 40 سالن جي وچ ۾ آهن، فوت ٿي ويلن ۾ خليل، سليم، عمران، مقصود، سوهني، ڪاٽيليس، سني ۽ طلحه شامل آهن. جڏهن ته زخمين ۾ ساجد ۽ ڊرائيور شڪيل شامل آهن.

ريسڪيو 1122 موجب حادثو انهي وقت پيش آيو جڏهن ڊرائيور کي  گاڏي هلائيندي ننڊ اچي وئي، ٻئي طرف صدر پوليس ڊرائيور شڪيل کي ذميوار قرار ڏيندي ڪيس داخل ڪري ورتو، مقامي ماڻهن جو هڪ وڏو انگ صبح وقت حادثي واري جڳهه تي جمع ٿي ويو انهن انتظاميه تي الزام لڳايو ته انهن 20 فٽ گهري نالي ۽ روڊ کي ورهائڻ واري جڳهه تي ڪابه ڀت ناهي کنئي جنهن سبب روزاني ڪونه ڪو حادثو پيش اچي ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں