72

پي ٽي آءِ اڳواڻن عمران خان کي سمجهوتي تحت جيل ۾ رکيو آهي: فيصل واوڊا

ڪراچي: سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻن عمران خان کي سمجهوتي جي تحت جيل ۾ رکيو آهي. ڪراچي جي ڪسٽم هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل واوڊا چيو ته پي ٽي آءِ چاهي ٿي ته پي ٽي آءِ باني جيل ۾ رهي، ٽرمپ ڪارڊ پلي ڪارڊ بڻجي ويو آهي، (ن) ليگ حڪومت جي ضامن پي ٽي آءِ آهي، هاڻ ڌرڻو احتجاج ڊي چوڪ تي ڪجهه نظر نٿو اچي.

هن چيو ته سمجهوتي جي تحت پي ٽي آءِ باني جيل ۾ رهندو، ميري ٽائيم جو شعبو پوري ملڪ جو قرض لاهي سگهي ٿو، پورٽ قاسم تي اربين روپين جي قبضي جي زمينن کي ريڪور ڪرائينداسين، ڪسٽم ايجنسٽس جو ٿورائتو آهيان انهن منهنجي چوڻ تي هڙتال ختم ڪري ڇڏي.

فيصل واوڊا چيو ته ڪسٽم ماهوار 400 ارب روپيه ڪسٽم ڊيوٽي ادا ڪري ٿي، انهن جي هڙتال سبب ملڪ ۽ معيشت کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان ٿي سگهي ٿو جنهن سبب مهانگائي وڌڻ جو امڪان آهي. ڪسٽم ايجنٽس کي اربع جي ڏينهن  گڏجاڻي جي لاءِ گهرايو آهي، انهن جو مسئلو حل ڪنداسين.

هن چيو ته آرمي چيف هدايت ڏني آهي ته پاڪستان پهريان آهي، ٻيون شيون بعد ۾ آهن، ڊمپرز جي حادثن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ انهن جي رفتار 40 تي لاڪ ڪري سگهجي ٿي. آخر ۾ سينيٽر فيصل واوڊا وڌيڪ چيو ته ڪسٽم ايجنٽس سان ڪرپٽ آفيسرن جي فهرست گهري ورتي آهي، اسان جي ملڪ جو الميو اهو آهي ته ننڍن چورن کي پڪڙيو ويندو آهي وڏن چورن کي ڇڏيو ويندو آهي.

فيصل واوڊا جي يقين ڏيارڻ کان پوءِ پاڪستان ڪسٽم ايجنٽس ايسوسيئيشن هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سينيٽر سمورن ماڻهن سان تشڪر جو اظهار پڻ ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں