لاهور: صدر آصف علي زرداري ٻن ڏينهن جي دوري تي لاهور پهچي ويو آهي. ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري گورنر هائوس ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪندو، ملاقات ۾ پيپلز پارٽي کي پنجاب ۾ پيش ايندڙ مسئلن تي به ڳالهيون ڪيون وينديون.
آصف علي زرداري پيپلز پارٽي پنجاب جي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو، اميد ڪئي پئي وڃي ته پنجاب ۾ پيپلز پارٽي خاص طور تي گورنر پنجاب جا ڏوراپا ختم ڪيا ويندا.
ذريعن موجب ملاقات سان پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ جي وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ ختم ٿيندي، صدر آصف علي زرداري مفاهمتي رستو ڪڍندو. آصف زرداري آچر تي لاهور ريس ڪلب ۾ ٿيندڙ ڊربي ريس ۾ بطور مهمان خصوصي طور پڻ شرڪت ڪندو.