ڪراچي: موسميات کاتي ملڪ ۾ ايندڙ هفتي کان برساتن جو نئون اسپيل داخل ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 24 فيبروري کان اولهه هوا جو سسٽم ملڪ ۾ داخل ٿيندو.
موسميات کاتي موجب پنجاب، خيبر پختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي، اتر ۽ جابلو علائقن ۾ برسات ۽ برفباري ٿيندي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته گلگت بلتستان، ڪشمير ۾ 25 فيبروري کان 2 مارچ تائين برسات ۽ برفباري جو امڪان آهي، خيبر پختونخواهه ۾ 24 فيبروري کان پهرين مارچ تائين برسات ۽ مٿين علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ 25 فيبروري کان پهرين مارچ تائين کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي ٻڌايو ته مري ۽ گليات ۾ برفباري جو امڪان آهي، 24 کان 26 فيبروري تائين ڪوئيٽا، زيارت ۽ ڀرپاسي ۾ برسات ۽ برفباري ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي 25 کان 26 فيبروري تائين لاڙڪاڻي، سکر ۽ ڀر وارن علائقن ۾ هلڪي برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.