132

چيمپين ٽرافي جو سڀني کان وڏو مقابلو، پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون اڄ آمهون سامهون ٿينديون

دبئي: آءِ سي سي چيمپين ٽرافي جو سڀني کان وڏو مقابلو اڄ پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ دبئي ۾ کيڏيو ويندو. ميچ پاڪستاني وقت موجب ٻنپهرن جو 2 وڳي شروع ٿيندو، پاڪستان وٽ اڳيان وڌڻ لاءِ اهو آخري چانس آهي. ڀارت کان شڪست جي صورت ۾ پاڪستان جو چيمپين ٽرافي جو سفر ختم ٿي ويندو.

ٻنهي ٽيمن وڏو مقابلو کٽڻ جي لاءِ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن. دبئي جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ هن وڏي مقابلي جي لاءِ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن آخري تيارين جي طور تي پريڪٽس ڪئي. بابر اعظم ٽريننگ جي لاءِ ٻاهر نه نڪتو، هن هوٽل ۾ ئي فزيڪل ٽريننگ ڪئي.

ڀارت بنگلاديش جي خلاف پنهنجو پهريون ميچ کٽي چڪو آهي، جڏهن ته پاڪستان کي  پهرين ميچ ۾ شڪست ملي آهي،  انهي لاءِ پاڪستان وٽ هاڻ غلطي جي ڪابه گنجائش نه آهي.

چيمپين ٽرافي ايونٽس ۾ ٻئي ٽيمون 5 ڀيرا  آمهون سامهون ٿيون آهن جن مان 3 ڀيرا پاڪستان جڏهن ته 2 ڀيرا ڀارت کي  فتح حاصل ٿي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں