لاهور: ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پگهاردار طبقي تي ٽيڪسز جو بار آهي، ايندڙ بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ تي غور ڪنداسين.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته بجيٽ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، ايف بي آر ۾ اصلاحات تي ڪم ڪري رهيا آهيون، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽيڪس جي نظام ۾ بهتري آئي آهي، ريئل اسٽيٽ ۾ به ٽيڪس ۾ بهتري آئي آهي.
محمد اورنگزيب چيو ته سٽي بازي ريئل اسٽيٽ ۾ هلڻ نه ڏينداسين، تعميراتي انڊسٽري جي سپورٽ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، رب پاڪ جو شڪر آهي ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج مٿي وڃي رهي آهي.
وفاقي ناڻي واري وزير چيو ته سعودي عرب، دبئي واشنگٽن ۾ سڀني سان ملاقاتون ٿيون، پرڏيهي پاڪستانين کي ڪابه ناراضنگي نه آهي، ملڪ ۾ 35 ملين تائين ناڻي جا ذخيرا پهچي چڪا آهن. روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۾ پهريان ئي اضافو ٿيو آهي. ملڪ کي پرائيويٽ سيڪٽر ئي اڳيان کڻي ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته اسان جي مڪمل سپورٽ ۽ دعائون پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ آهن، پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کلي دل سان بنا ڪنهن پريشر جي بهترين راند جو مظاهرو ڪري.