ڪوئٽه: پاڪ افغان فورسز ۾ ڇڪتاڻ سبب طورخم بارڊر ٻئي ڏينهن به بند آهي جنهن جي ڪري واپاري سرگرميون ۽ پنڌ اچڻ وڃڻ وارو سلسلو معطل آهي.
گذريل رات طورخم بارڊر تي حالتون انهي وقت ڇڪتاڻ واريون ٿيون جڏهن افغان فورسز سرحد جي تڪراري علائقي ۾ چيڪ پوسٽ تعمير ڪري رهي هئي. انهي صورتحال ۾ جڏهن پاڪستاني فورسز افغان اهلڪارن کي تعميراتي ڪم کان روڪيو ته افغان فورسز مورچا سنڀالي ورتا.
سرحدي ڇڪتاڻ سبب علائقي ۾ سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي. صورتحال ڇڪتاڻ واري ٿيڻ سبب پاڪ افغان دوستي اسپتال کي به بند ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته گذريل سال جنوري جي مهيني ۾ به طورخم بارڊر کي هر قسم جي ٻطرفي واپار جي لاءِ بند ڪيو ويو هو.