لاهور: گليات ۾ گاڏي بيهارڻ جي معاملي تي مقامي نوجوان جي قتل تي مڇريل ماڻهن قاتل چوڪيدار کي لٺيون ۽ ڏنڊا هڻي سخت تشدد جو نشانو بنائڻ کان پوءِ قتل ڪري ڇڏيو.
مقامي ذريعن موجب ڇانگلا ٿاڻي واري علائقي سير غربي ۾ هائوسنگ سوسائٽي جي پارڪنگ ۾ عمران عباسي نالي مقامي نوجوان گاڏي بيهاري گهر هليو ويو ٻئي ڏينهن آيو ته سندس چوڪيدار سان تڪرار شروع ٿي وئي.
چوڪيدار زمان خان ڇرين جا هڪ ٻئي پٺيان وار ڪري نوجوان عمران عباسي کي قتل جڏهن ته سندس ڀاءُ کي زخمي ڪري ڇڏيو. اطلاع ملندي ئي مقامي ماڻهن جو وڏو انگ پهچي ويو جن سوسائٽي جي 5 گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي، واقعي کان پوءِ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي.
قاتل چوڪيدار مڇريل ماڻهن جو وڏو انگ ڏسي عمارت جي تهه خاني ۾ لڪي ويو جنهن کان پوءِ پوليس ڀت ڀڃي انر داخل ٿي وئي ۽ قاتل چوڪيدار کي تهه خاني مان ٻاهر ڪڍيو جنهن کي ڏسندي ئي هجوم پوليس جي ڪنٽرول مان نڪري ويو، مڇريل ماڻهن پنهنجي عدالت لڳائي قاتل کي پٿر، ڏنڊا ۽ لٺيون هڻي سخت تشدد جو نشانو بنائڻ کان پوءِ قتل ڪري ڇڏيو.
تشدد ۽ هنگامي سبب ڪيترائي پوليس اهلڪار به زخمي ٿي پيا، قاتل چوڪيدار جو لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ ايبٽ آباد اسپتال منتقل ڪيو ويو.