87

پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جون چونڊون ٿي گذريون، افضل بٽ ٻيهر ٻن سالن لاءِ صدر چونڊجي ويو

دبئي:  پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جون چونڊون ٿي گذريون جنهن ۾ سينئر صحافي افضل بٽ ٻيهر ٻن سالن لاءِ صدر چونڊجي ويو.  چونڊن ۾ ٻن سالن جي لاءِ افضل بٽ صدر، ارشد انصاري سيڪريٽري جنرل ۽ سعيد جان(لالا اسد پٺاڻ) ٻيون ڀيرو فنانس سيڪريٽري چونڊجي ويا آهن.

اسلام آباد ۾ پي ايف يو جي، جي منعقد ٿيل ٽن ڏينهن واري بي ڊي ايم اجلاس بعد ٿيل چونڊ نتيجن جو اعلان اليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين اقبال جعفري ڪيو. اقبال جعفري ٻڌايو ته پي ايف يو جي، جي چونڊن ۾ صدر، جنرل سيڪريٽري، نائب صدر ۽ اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل جي چار ۽ ايف اي سي جي 25 سيٽن جي لاءِ 262 اميدوارن پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، جن ۾ صدر جي عهدي تي 14، سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي 29، نائب صدر جي چئن سيٽن جي لاءِ 43، اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل جي 4 سيٽن جي لاءِ 40، جڏهن ته ايف اي سي جي 25 سيٽن جي لاءِ 113 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا هئا. جن گڏيل مشاورت بعد پنهنجا نامزدگي فارم واپس ورتا، جنهن بعد صدر جي عهدي تي افضل بٽ، سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي ارشد انصاري ۽ فنانس سيڪريٽري جي عهدي تي سعيد جان(لالا اسد پٺاڻ) کانسواءِ 4 نائب صدر خالد عيسيٰ کوکر(خالد کوکر)، حبيب الرحمان، محمد عيسيٰ ۽ ناصر حسين ڪامياب ٿيو.

اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل جي 4 سيٽن تي جمشيد رضواني، جاويد اصغر، محمد شاهد چوڌري ۽ نورالاهي بگٽي ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته ايف ايس سي جي 25 سيٽن تي عبدالرحمان(لالا رحمان سمون)، اقبال ملاح، علي رضا علوي، اعجاز مقبول، ايوب جان سرهندي، انور رضا، هارون خالد، فوزيه شاهد، امتياز خان فاران، احسان الحق، محمد عامر شهزاد، خورشيد عباسي، ميان صبيح الرحمان، مخدوم احمد بلال، نديم جاويد، نصرالله وسير، ناصر زيدي، رانا شفيق خان پسروري، قدير سڪندر، سليم شاهد، رئوف مان، شهزاده ذوالفقار، شفيق اعواڻ، نذر عباس ۽ عمير ياسر شامل ڪامياب ٿيا.

نتيجن جي اعلان وقت ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جي حامين نعريبازي ڪندي گلن جا هار پارايا ۽ کين مبارڪون ڏنيون. اليڪشن ڪميٽي ۾ چيئرمين اقبال جعفري کانسواءِ مائره عمران، شهريار خان، عاصم قدير رانا، قلب علي ۽ صمد سالڪ شامل هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں