پشاور: خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ٻن اڳوڻن وزيرن ڪامران بنگش ۽ تيمور جهگڙا کي ڪابينه ۾ شامل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب علي امين گنڊاپور خيبرپختونخواهه جي اڳوڻن وزيرن ڪامران بنگش ۽ تيمور جهگڙا کي ڪابينه ۾ شامل نه ڪرڻ جي فيصلي تي پي ٽي آءِ باني کي راضي ڪري ورتو آهي.
انهي حوالي سان نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ڪي پي ڪي جي اڳوڻي ناڻي واري تيمور سليم جگڙا چيو ته اهو اندرون معاملو آهي، انهي تي ڪوبه تبصرو نه ڪندس، مان ڪجهه چوندس ته پي ٽي آءِ باني جي مقصد کي نقصان پهچندو. تيمور جهگڙا وڌيڪ چيو ته مان ساٿين جي پٺي ۾ ڇرو هڻڻ تي يقين نٿو رکان. پي ٽي آءِ باني مون کي پهريان پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ 2 وڏيون وزارتون ڏنيون هيون ۽ هن وقت به انهي مون کي گهرايو هو پر مون کي ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي.
ٻئي طرف خيبرپختونخواهه جي اطلاعات بابت صلاحڪار بيرسٽر محمد علي سيف انهي حوالي سان چيو ته اهو پارٽي جو اندروني معاملو آهي ۽ اندروني معاملي تي ميڊيا تي ڳالهائڻ جي ضرورت نه آهي.
ذريعن موجب پي ٽي آءِ باني ڪجهه وقت اڳ علي امين کي ڪامران بنگش ۽ تيمور جهگڙا کي ڪابينه ۾ شامل ڪرائڻ جو چيو هو ۽ انهي حوالي سان پارٽي جي سينئر اڳواڻن ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي عمران خان جو پيغام پهچايو هو.