74

پاڪستان ريلوي سر سيد ايڪسپريس بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور: پاڪستان ريلوي سر سيد ايڪسپريس کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته اڄ ٽرين پنهنجو سفر مڪمل ڪرڻ کان پوءِ سڀاڻي کان بند ڪئي ويندي، سر سيد ايڪسپريس ڪراچي کان راولپنڊي لاءِ هلائي ويندي هئي.

ٿرڊ پارٽي ڪنٽريڪٽ جي تحت ٽرين کي پرائيويٽ ڪنٽريڪٽر ذريعي هلايو پئي ويو، ٻئي طرف پاڪستان ريلويز وڌيڪ 7 ٽرينون به آئوٽ سروس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هزاره، ڪراچي، بهاءُالدين ذڪريا، سکر ايڪسپريس، موئن جو دڙو ۽ راولپنڊي پسينجر ٽرين کي به آئوٽ سورس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

دستاويزات جي تياري ۾ دير سبب بڊز وصولي جي تاريخ ۾ واڌ ڪئي وئي، اختيارين جو چوڻ آهي ته 7 مسافر ٽرينن جي فنانشل ۽ ٽيڪنيڪل بڊز 25 فيبروري تي وصول ڪئي ويندي. ٽيڪنيڪل بڊز ۾ ڪواليفائيٰ ڪندڙ فرمن جي ئي فنانشنل بڊز کولي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں