88

حڪومت کان اسلام آباد ايئرپورٽ جو نالو بينظير ڀٽو سان منسوب ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد:خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو نالو بينظير ڀٽو سان منسوب ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

فيصل ڪريم ڪنڊي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي چيو آهي ته 21 جون 2008 ۾ ان وقت جي وزيراعظم ايئرپورٽ جو نالو بينظير ڀٽو انٽرنيشنل ايئرپورٽ رکڻ جو اعلان ڪيو هو، 17 جولاءِ 2008 ۾ سول ايوي ايشن اٿارٽي طرفان پڌرائي به جاري ڪئي وئي پر عملدرآمد نه ڪيو ويو.

خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ايئرپورٽ جو نالو بينظير ڀٽو سان منسوب ڪرڻ محترمه کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي، صدر ۽ وزيراعظم کي اپيل ٿي ڪجي ته عوامي مطالبي تي درخواست ٿو ڪيان ان حوالي سان لاڳاپيل اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں