164

سنڌ جو وڏو وزير هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر پهچي ويو، اروڙ يونيورسٽي ۾ نئين تعمير ٿيل هاسٽل جو افتتاح

سکر: سنڌ جو وڏي وزير سيد مراد علي شاھ  هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر پهچي ويو، جتي هن بي اروڙ يونيورسٽي ۾ نئين تعمير ٿيل هاسٽل، بي سيڪشن ٿاڻي جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو، وڏي وزير مراد علي شاهه دوري دوران سکر بئراج جو پڻ دورو ڪيو،  جڏهن ته نارا ڪئنال جو دوري دوران جائزو ورتو.

رپورٽ موجب سنڌ جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر پهتو، دوري دوران هن موچي بازار سکر ۾ قائم بي سيڪشن ٿاڻي سکر جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو، وڏي وزير سان گڏ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه، سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر اويس قادر شاهه،  صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، علي حسن زرداري، مڪيش ڪمار چاولا، گهرو وزير ضيا الحسن لنجار، ذوالفقار شاهه، اسسٽنٽ اسپيشل قاسم نويد، آءِ جي سنڌ  پوليس غلام نبي ميمڻ۔ ڪمشنر سکر فياض حسين عباسي، ڊي جي آءِ سکر فيصل عبدالله چاچڙ، ايس پي ايس سکر اظهر مغل ۽ سکر جي واپاري برادري جا اڳواڻ پڻ موجود هئا. جنهن کانپوء سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قومي اسيمبلي جي ميمبرن سيد خورشيد احمد شاهه، نعمان اسلام شيخ، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، ضياءَ الحسن لنجار سميت ٻين سان گڏ سکر بيراج جو دورو ڪيو ۽ سکر بيراج جي دروازن جي جاري مرمت جو معائنو ڪيو ۽ 18 دروازن جي تبديلي جي ڪم جو جائزو ورتو.

وڏي وزير جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب سنڌ جي وڏي وزير آبپاشي کاتي کي 30 جون تائين 18 دروازن جي مرمت مڪمل ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. دوري دوران سنڌ جي وڏي وزير نارا ڪينال جي لائننگ جو به جائزو ورتو ۽ نارا ڪينال جي لائننگ جي ڪم کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي۔نارا ڪئنال جي دوري بعد سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ  اروڙ يونيورسٽي پهتو سندس جي آمد تي وائيس چانسلر اروڙ يونيورسٽي پروفيسر زاهد حسن کنڊ۔ آنر ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ جي چيئرمين پروفيسر طارق رفيع، سيڪريٽري ايڇ اي سي معين صديقي استقبال ڪيو، وزير اعليٰ سنڌ سان گڏ ايم اين اي خورشيد احمد شاهه، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس شاهه قادر، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، علي حسن زرداري، مڪيش ڪمار چاولهه، گهرو وزير ضياءَ حسين اللنجار، ذوالفقار شاهه،اسسٽنٽ اسپيشل قاسم نويد، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ضلعي ڪائونسل چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاھ۔ ميئرسکر ارسلان شيخ، سيڪريٽري ڊپارٽمينٽ آف هائير ايجوڪيشن ڪميشن سنڌ جو چيئرمين پڻ موجود هئا.

سنڌ جي وڏي وزير اروڙ  يونيورسٽي جي بوائز گرلز هاسٽل۔آڊيٽوريم۔آرٽ گيلري۔ مومي ميوزم  افتتاح ڪيو ۽ مصوري نمائش پڻ ڏٺي تقريب دوران کيس بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته اروڙ يونيورسٽي ۾ مصنوعي ذھانت (ai) فيشن ڊزائن۔موسمياتي سائنس سميت 14 مضمونن ۾ ڊگري پروگرام جاري آھي جڏهن ته اروڙ يونيورسٽي جي چار مرڪزي فيڪلٽين ۾ 825 کان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، اروڙ يونيورسٽي 60 ايڪڙن تي مشتمل آهي، ڪيترن ئي شعبن جي تعمير اڃا تائين جاري آهي، 2023 جي پي سي ون جي مطابق، اروڙ يونيورسٽي جي مڪمل ٿيڻ جو هدف 2026 مقرر ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں