82

مرتضيٰ وهاب عباسي شهيد اسپتال جي لفٽ ۾ ڦاسي پيو، عملي ۾ ٿرٿلو

ڪراچي: ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب عباسي شهيد اسپتال جي دوري دوران لفٽ حادثي جو شڪار ٿي ويو.

ميئر مرتضيٰ وهاب، ڊپٽي ميئر ۽ ٻيا اسپتال جي معائني دوران لفٽ ۾ سوار هئا ته گنجائش کان وڌيڪ ماڻهن جي سوار ٿيڻ سبب لفٽ جهٽڪي سان هيٺ اچي وئي.

خوش قسمتي سان حادثي ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو، عملي فوري طور تي لفٽ جو در کوليو ۽ سڀني کي حفاظت سان ڪڍيو.

ذريعن موجب ميئر سميت سمورا ماڻهو 5 کان 10 منٽن تائين لفٽ ۾ ڦاٿل رهيا پر سڀئي محفوظ رهيا.

ياد رهي ته مرتضيٰ وهاب هيموفيليا سوسائٽي ٽريٽمينٽ سينٽر جو افتتاح ڪرڻ لاءِ عباسي شهيد اسپتال پهتو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں