اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن پنجاب حڪومت کي فوري طور تي قانون سازي مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
اليڪشن ڪميشن ۾ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ فل بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري لوڪل گورنمنيٽ پنجاب اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيا.
چيف اليڪشن ڪمشنر پنهنجي موقف ۾ چيو ته آئين جي تحت اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو پابند آهي پر بدقسمتي سان ڪابه صوبائي حڪومت چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ تيار نه آهي. هن چيو ته صوبائي حڪومتون قانون ۾ ترميم ڪري چونڊون ملتوي ڪري ڇڏينديون آهن. 3 صوبن ۽ ڪنٽونمينٽ جدوجهد کان پوءِ چونڊون ڪرايون ويون.
سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته پنجاب ۾ 5 ڀيرا چونڊ قانون تبديل ڪيا ويا، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن 3 ڀيرا تڪ بنديون ڪري چڪو آهي ۽ 2 ڀيرا اليڪٽرول گروپس جي فهرست سازي ٿي، پر پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ممڪن نه ٿي سگهيون.
چيف سيڪريٽري پنجاب چيو ته لوڪل گورنمنٽ ايڪٽ جو مسودو اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي، قانونسازي مڪمل ٿيندي ئي رولز ٺاهيا ويندا. اليڪشن ڪميشن کي هر ممڪن مدد ڏينداسين. اليڪشن ڪميشن پنجاب حڪومت کي قانونسازي فوري طور تي مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته قانونسازي مڪمل ٿيندي ئي تڪ بندين جو عمل شروع ڪيو ويندو.