69

ميڊيا جي آزادي، دفاع ۽ صحافين جي تحفظ لاءِ پي ايف يو جي گڏيل منصوبو تيار ڪري ورتو

اسلام آباد: ميڊيا جي آزادي جي دفاع ۽ صحافين جي تحفظ لاءِ پاڪستان فيڊرل يونين آف جنرلسٽ(پي ايف يو جي) گڏيل منصوبه بندي تيار ڪري ورتي.

اسلام آباد ۾ سڄي ملڪ مان شريڪ ٿيندڙ ساڍا چار سئو کان وڌيڪ ڊيليگٽس جي اجلاس ۾ سينئر صحافي مظهر عباس، سليم شاهد ۽ آصف بشير چوڌري تي ٻڌل ڪميٽي ايف اي سي جي منظوري سان تيار ڪيل ڊيڪليئريشن جاري ڪيو.

ڊيڪليئريشن ۾ چيو ويو آهي ته پي ايف يو جي پيڪا ترميمي ايڪٽ 2025 سميت سمورن ڪارن قانونن کي  ڊريڪوئين لا سمجهي ٿي. جمهوريت تي سواليه نشان اٿاري عدليه ميڊيا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. آزاد صحافت تي پابندين سبب ڪجهه آزاد ميڊيا هائوس بند ٿيڻ جي ويجهو پهچي چڪا آهن.

پي ايف يو جي صحافين جي تحفظ ۽ حقن جي لاءِ عالمي سطح تي قانوني جنگ وڙهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پي ايف يو جي اعلان ڪيو ته عيد کان پوءِ پيڪا جي خلاف تحريڪ هلائي ويندي جيڪا حڪمرانن کي هلائي ڇڏيندي. اجلاس ۾ سوشل ميڊيا کي رڪنيت  ڏيڻ جي لاءِ آئين ۾ ترميم ڪندي رولز جي تياري لاءِ ڪميٽي به قائم ڪئي وئي. پي ايف يو جي صحافين جي خلاف شڪايت داخل ڪرائڻ جي لاءِ ڪونسل آف ڪمپلينٽ قائم ڪرڻ جي به منظوري ڏني.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں