76

رمضان ۾ گهريلو صارفين کي ڪيترا ڪلاڪ گيس ملندي؟ شيڊيول جاري

ڪراچي: سوئي سدرن گيس ڪمپني رمضان ۾ گهريلو صارفين لاءِ گيس جي لوڊشيڊنگ جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.

رمضان ۾ به گيس جي لوڊشيڊنگ جاري رهندي ۽ گهريلو صارفين کي رڳو 12 ڪلاڪ گيس ملندي.

ايس ايس جي سي ترجمان موجب پهرين رمضان کان صبح 9 وڳي کان منجهند ساڍي 3 وڳي تائين ۽ رات 10 وڳي کان 3 وڳي تائين گيس جي فراهمي بند رهندي، اهو وقت سحري ۽ افطاري ۾ گيس جي فراهمي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں