69

حڪومت زرعي ٽيوب ويل سميت بجلي صارفين لاءِ رليف جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پاور ڊويزن زرعي ٽيوب ويل ۽ 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي وڏي خوشخبري ٻڌائيندي رليف جي لاءِ نيشنل اليڪٽرڪ ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) کي خط لکي ڇڏيو آهي.

وفاقي توانائي واري وزير اويس احمد خان لغاري زرعي ٽيوب ويل ۽ 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين جي لاءِ اهم قدم کڻندي چيو آهي ته ماهوار فيول جي مد ۾ ايڊجسٽمينٽ جي گهٽتائي جو فائدو هاڻ زرعي ٽيوب ويل ۽ 300 يونٽ استعمال ڪندڙ بجلي صارفين کي به ملندو.

پاور ڊويزن طرفان لکيل خط موجب جون 2015 کان 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ ۾ گهٽتائي جو فائدو روڪيو ويو هو ۽ ڊسمبر 2010 کان زرعي ٽيوب ويل کي ماهوار فيول ايڊجسمنٽ ۾ گهٽٽائي کي ختم ڪيو ويو هو.

نيپرا کي انهي حوالي سان لکيل خط موجب فيول ڪاسٽ ۾ گهٽتائي کي زرعي ٽيوب ويل ۽ يونٽ 300 تائين استعمال ڪندڙ بجلي صارفين کي ڏيڻ سان انهن جي ماهوار بلن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں