لاهور: پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي خصوصي هدايتن تي پنجاب صوبي ۾ عوام کي اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ نمايان رليف ڏنو ويو آهي.
ڊي جي فوڊ پنجاب شعيب خان جدون چيو آهي ته گوجرانوالا، گجرات ۽ راولپنڊي ۾ 10 ڪلو ٿيلهي تي 25 کان 75 روپين تائين رليف ڏنو پيو وڃي.
هن چيو ته فيصل آباد، سرگودها ۽ ساهيوال ڊويزن ۾ 20 کان 80 روپين تائين جڏهن ته ملتان، بهاوالپور ۽ ڊي جي خان ۾ 30 کان 85 روپيه 10 ڪلو جي ٿيلهي تي رليف ڏنو پيو وڃي.
ڊي جي فوڊ پنجاب چيو ته حڪومتي رليف بازارن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1250 اٽي جا ٿيلها وڪرو ٿي چڪا آهن ۽ کنڊ 1730 ڪلو وڪرو ٿي چڪي آهي.
ٻئي طرف ڊي سي اسلام آباد رمضان المبارڪ جي دوران شهرين کي رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد جي 17 هنڌن تي فيئر پرائس شاپ قائم ڪيا ويندا، جتي شهرين کي هول سيل ريٽ تي عام واهپي جون شيون دستياب هونديون. ضلعي انتظاميه سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ذميواري ڏئي ڇڏيون آهن.