75

سنڌ حڪومت ڪراچي لاءِ ڊبل ڊيڪر بسن جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي: ) سنڌ ڪابينه ڪراچي لاءِ ڊبل ڊيڪر ۽ وڌيڪ اليڪٽرڪ بسون خريدڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪابينه اينٽي نارڪوٽڪس کي آٽوميٽڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ڊبل ڊيڪر بسن ۽ وڌيڪ اليڪٽرڪ بسن جي خريداري جي منظوري به ڏني وئي آهي.

هن چيو ته وزيراعظم واعدو ڪيو هو ته وفاقي حڪومت 180 اليڪٽرڪ بسون فراهم ڪندي، وفاق واعدي مطابق بسون ڏئي، پر وفاقي حڪومت پاران بسن جي خريداري لاءِ فنڊ جاري نه ڪيا ويا آهن.

صوبائي وزير جو چوڻ هو ته ٽرانسپورٽ کاتو عورتن لاءِ مفت پنڪ اسڪوٽر ڏيڻ جو منصوبو شروع ڪري رهيو آهي، جن عورتن وٽ ٽو وهيلر جو لائسنس هوندو، تنهن کي اسڪوٽر ڏنو ويندو، هر مهيني ڪڻن ذريعي عورتن کي اليڪٽرڪ بائيڪون ڏنيون وينديون، شاگردياڻيون ۽ ملازمت ڪندڙ عورتون هن اسڪيم لاءِ اهل هونديون.

شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته جيڪي عورتون بائيڪ هلائڻ نٿيون ڄاڻن، انهن کي ليڊي انسٽرڪٽرن ذريعي تربيت فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته اليڪٽرڪ بائيڪ حاصل ڪندڙ عورتون 7 سالن تائين ان کي وڪرو نه ڪري سگهنديون.

ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار جي سنڌ حڪومت تي تنقيد بابت سوال تي شرجيل ميمڻ چيو ته ڇا توهان فاروق ستار جي ڳالهين کي سنجيده وٺو ٿا؟ فاروق ستار ۽ سندس پارٽي جو هاڻ ڪو وجود ناهي، ماڻهو کين هر طريقي سان پرکي چڪا آهن.

شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته فاروق ستار چاهي ٿو ته اسان به نفرت واريون ڳالهيون ڪريون ۽ کيس جواب ڏيون، پر سندن پارٽي جي ڪا به سياسي حيثيت ناهي، اسان جو ڌيان رڳو عوام کي رليف ڏيڻ تي آهي.

صوبائي وزير ٻڌايو ته اسان ڪي فور منصوبي جي ڊيزائن تي اعتراض ڪيو هو، وڏي وزيرٰ ۽ مان انجنيئر آهيون ۽ اسان جو اعتراض صحيح ثابت ٿيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں