77

چونڊن ۾ ڌانڌلي تي انڪوائري ڪميشن جي جوڙجڪ: شير افضل، عمران خان جي درخواست تي اعتراض برقرار

اسلام آباد: عام چونڊن ۾ ڌانڌلي تي انڪوائري ڪميشن جي جوڙجڪ جي معاملي تي شير افضل مروت ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي درخواستن تي سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس جا اعتراض برقرار رکيا آهن.

جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ پنج رڪني آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس امين الدين خان چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي اعتراضن تي دليل ڏجو. جنهن تي عمران خان وڪيل حامد خان چيو ته مان تيار آهيان، ايندڙ ٻڌڻي تي اعتراضن تي دليل ڏيندس.

جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته اوهان جا اعتراض آهن، اعتراضن تي دليل نٿا ڏئي سگهو ته مرڪزي درخواست تي دليل ڏيو.

وڪيل شير افضل مروت حنيف راهي چيو ته جيستائين اعتراض ختم نه ٿيندا، مرڪزي درخواست تي دليل نه ڏيندس. جسٽس امين الدين خان چيو ته اسان اجازت ڏئي رهيا آهيون، اوهان دليل ڏيو، وڪيل شير افضل مروت چيو ته جيستائين منهنجي درخواست تي نمبر نٿو لڳي دليل نه ڏيندس.  جنهن کان پوءِ آئيني بينچ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں