اسلام آباد: پيپلز پارٽي طرفان وفاقي ڪابينه ۾ واڌ تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي ترجمان شازيه مري يوٽيلٽي اسٽورز ملازمن جي برطرفي تي ڳڻتي جو اطهار ڪندي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هڪ طرف وزير يقين ڏياري رهيا آهن ته ملازمن کي نه ڪڍيو ويندو ته ٻئي طرف ڇانٽيون ڪيون پيون وڃن.
هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ يقين ڏياريو ويو ته فيصلي تي نظر ثاني ڪئي ويندي، هن چيو ته ملازمن جي برطرفي ۽ يو ٽرن وٺڻ سان حڪومتي ساک سخت متاثر ٿي آهي.
شازيه مري چيو ته وفاقي ڪابينه ۾ وزيرن جي فوج ڀرتي ڪئي پئي وڃي ٻئي طرف غريب ملازمن کان روزگار ڦريو پيو وڃي، ڇا ڪفايت شعاري صرف غريب ملازمن جي لاءِ آهي جن کي بيروزگار ڪري انهن جا چلها بند ڪيا پيا وڃن.
پ پ ترجمان سوال ڪيو ته ڇا وفاقي ڪابينه ۾ درجنين وزير شامل ڪرڻ سان قومي ناڻي تي بار نه پوندو؟ هن چيو ته وفاقي حڪومت عوام دشمن فيصلا وٺڻ کان پاسو ڪري، ملڪ ۾ روزگار جا ذريعا پيدا ڪرڻ جي بجاءِ انهن کي بند ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته حڪومت جي اهڙي فيصلي تي ڳڻتي آهي. اهڙي قسم جي تڪراري فيصلن کي واپس ورتو وڃي، حڪومت کي هن عوام دشمن فيصلي تي نظر ثاني ڪرڻي پوندي. پيپلز پارٽي هر عوام دشمن منصوبي جي خلاف آهي ۽ هميشه مظلومن سان گڏ بيٺل رهندي.
ياد رهي ته وفاقي ڪابينه ۾ وڌيڪ 13 وزير ۽ 11 مملڪتي وزيرن جي شموليت ٿي آهي، جنهن کان پوءِ وفاقي ڪابينه جي ميمبرن جو گڏيل انگ 31 ٿي ويو آهي.