80

مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 3 سيڪڙو تي اچي وئي آهي: راڻا ثناءُالله

فيصل آباد: وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 3 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.

وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله فيصل آباد ۾ اقليتي برادري ۾ مينارٽي ڪارڊ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اقليتي پاڪستان ۾ برابر جا شهري آهن، جڏهن ته پاڪستان جو قانون ۽ آئين شهرين ۾ ڪوبه فرق نٿو رکي

هن چيو ته ملڪ جو آئين ۽ قانون سمورن شهرين کي هڪ جهڙا حق ڏئي ٿو، پر انتهاپسند عناصر منفي پروپيگنڊا ڪن ٿا، موجوده حڪومت عام عوام کي سهوليت ڏيڻ چاهي ٿي.

راڻا ثناءُالله چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 3 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، ملڪ ۾ جڏهن به(ن) ليگ جي حڪومت آئي ته ملڪ ترقي ڪئي آهي. هن چيو ته مون کي خبر آهي ته هن پئسن مان سموريون ضرورتون پوريون نٿيون ٿي سگهن پر اهي پئسا اوهان جي ماهوار بجيٽ ۾ ايڊجسٽ ضرور ٿي سگهن ٿا. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پنجاب ۾ همت ڪارڊ سميت ٻيا منصوبا شروع ڪيا.

راڻا ثناءُالله چيو ته جيڪڏهن ميڊيا کي اشتهار نه ملندا ته منهنجي سامهون هي بيٺل ڪيمرا ڪري پوندا پر جيڪڏهن اشتهارات قانون کان مٿانهان ٿي ملڻ لڳن ته پڇاڳاڇا ضرور ٿيڻ گهرجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں