اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات طئي ٿي وئي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات لاءِ سڀاڻي اسلام آباد پهچندو، وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيندڙ هن اهم ملاقات ۾ حڪومتي ۽ اتحادي پارٽين جا سربراهه شريڪ ٿيندا.
اعليٰ سطحي اجلاس ۾ حڪومت جا انتظامي معاملا بحث هيٺ ايندا، بلاول ڀٽو حڪومت سان معاهدن تي پارٽي خدشا وزيراعظم جي سامهون رکندو، پنجاب ۾ ترقياتي فنڊ جي عدم فراهمي سميت اهم معاملا به غور هيٺ ايندا.