اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي طئي ٿيل اهم ملاقات ملتوي ٿي وئي آهي.
رپورٽ موجب ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي اسلام آباد پهچڻ کان پوءِ نئون شيڊول طئي ڪيو ويندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي اسلام آباد پهچندو.
ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اهم ملاقات سڀاڻي يا هڪ ڏينهن کان پوءِ ٿيڻ جو امڪان آهي، ذريعن موجب وزيراعظم هائوس ۾ اعليٰ سطحي حڪومتي اتحادي اجلاس به ٿيندو جنهن ۾ حڪومتي ۽ اتحادي پارٽين جا سربراهه شريڪ ٿيندا. بلاول ڀٽو وزيراعظم هائوس ۾ اعليٰ سطحي حڪومتي اتحاد اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو.
اجلاس ۾ حڪومت جا انتظامي معاملا بحث هيٺ ايندا جڏهن ته بلاول ڀٽو حڪومت کان معاهدن تي پارٽي خدشا وزيراعظم جي سامهون رکندو. پنجاب ۾ ترقياتي فنڊز جي عدم فراهمي سميت اهم معاملا به بحث هيٺ ايندا.