66

راولپنڊي، اسلام آباد سميت ڪيترن ئي هنڌن تي برسات ۽ برفباري، ٿڌ جي شدت ۾ واڌ

اسلام آباد:  راولپنڊي، اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات ۽ برفباري جو سلسلو جاري آهي ڪيترن ئي شهرن ۾ پارو ڪاٽو کان هيٺ ڪري پيو آهي ۽ ٿڌ جي شدت ۾ به واڌ ٿي وئي آهي.

راولپنڊي، اسلام آباد، لاهور، ميانوالي، شيخوپوره سميت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري پئي، موسميات کاتي موجب شانگله ٽاپ، الپوري، پير خانه  امنوي، داموزئي ٽاپ ۾ وادي نيلم جي هيٺياهين وارن علائقن ۾ برسات ۽ مٿانهين علائقن ۾ برفباري جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب ٿڌ جي شدت ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

برفباري ۽ برسات سبب  وادي نيلم سميت مٿانهين علائقن جا روڊ به بند ٿي ويا آهن جنهن جي ڪري شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. موسميات کاتي موجب ليه ۾ گرمي پد ڪاٽو 14، ڪالام ڪاٽو 3، پارا چنار ۽ اسڪردو ۾ ڪاٽو 2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں