لاهور: پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري وفاقي حڪومت پاران خيبرپختونخواهه کي ڏنل فنڊن جي آڊٽ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
صوبائي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته خيبرپختونخواهه لاقانونيت، دهشتگردي ۽ ڪرپشن ۾ اڳتي نڪري رهيو آهي. جڏهن ته گنڊاپور حڪومت جا 625 منصوبا هڪ ارب وڻ لڳائڻ جهڙا ئي هوندا.
هن چيو ته هڪ سال ۾ خيبرپختونخواهه جي ڪنهن وزير يا وزيراعليٰ کي نئين منصوبي جو افتتاح ڪندي ناهي ڏٺو. ڪي پي ڪي جو وڏو وزير آفيس به ناهي ايندو ته پوءِ اهي منصوبا ڇا مهمانن شروع ڪرايا.
عظميٰ بخاري چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت وٽ يونيورسٽيون هلائڻ جو بجيٽ نه آهي جنهن جي ڪري انهن کي زمينون وڪرو ڪرڻيون پيون. 625 منصوبن جو ڪوڙ نه ڳالهايو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ سرڪاري ملازم پگهارن جي لاءِ احتجاج ڪندا آهن پر علي امين گنڊاپور جي اوليت ۾ صوبن جي غريب عوام نه پر اڊيالا جيل جو قيدي آهي.
عظميٰ بخاري چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي نمائندا فنڊز جي لاءِ هر هفتي احتجاج ڪن ٿا، جڏهن ته صوبي ۾ ڪرپشن عروج تي پهتل آهي. خيبرپختونخواهه ۾ احتساب ڪميٽي جا ماڻهو پاڻ ڪرپشن ۾ ملوث آهن. هن چيو ته خيبرپختونخواهه کي وفاق کان ملندڙ فنڊز صرف جلسن ۽ ڌرڻن جي مٿان خرچ ٿي رهيا آهن. وفاقي حڪومت کي خيبرپختونخواهه کي ڏنل فنڊز جو آڊٽ ڪرائڻ گهرجي.