82

لاهور ۾ رات دير تائين برسات جو سلسلو جاري، ٿڌ وڌي وئي، رمضان ۾ خوشگوار موسم سبب شهرين ۾ خوشي جي لهر

لاهور: صوبائي راڄڌاني لاهور ۾ گذريل رات وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، جنهن سبب رمضان جي مهيني ۾ موسم خوشگوار ٿيڻ سان شهرين جي چهرين تي خوشي جي لهر پکڙجي وئي آهي.

برسات سبب لاهور ۾ موسم ٿڌو ٿي ويو، جڏهن ته اڄ ڏينهن جو به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. موسميات کاتي طرفان گذريل ڏينهن ٻڌايو ويو هو ته لاهور سميت پنجاب ۾ برسات وسائيندڙ سسٽم داخل ٿي چڪو آهي جنهن جي اثر هيٺ هلڪي برسات وقفي وقفي سان جاري رهڻ جي اميد آهي جڏهن ته ٿڌيون  هوائون هلڻ سبب موسم ٿڌو به ٿي ويو.

شهر تي ڪڪرن ڊيرا ڄمائي ورتا آهن جڏهن ته مختلف هنڌن تي هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي، انهي دوران انتظاميه لاڳاپيل عملي کي الرٽ ڪري رکيو آهي، روڊن سميت انڊر پاسز کي ڪليئر رکڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن.

ياد رهي ته ملڪه ڪوهسار مري، گليات، وادي ڪاغان، ناران ۽ آزاد ڪشمير جي وادي نيلم ۾ تيز برفباري جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي جنهن سبب مختلف روڊ بند ٿي ويا آهن. مري ۽ گليات ۾ سياحن جو داخلا به بند ڪيو ويو آهي. انتظاميه ۽ امدادي ادارا پوري طرح الرٽ ڪيا ويا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں