237

ٻنپهرن جو 12 وڳي اٿڻ وارو روزو ڪيئن رکي سگهي ٿو؟ عمران خان کي سحري ۽ افطاري نه ڏيڻ تي حڪومت جو رد عمل

لاهور: پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري ڪي پي ڪي جي اطلاعات واري صلاحڪار بيرسٽر سيف جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي کي جيل ۾ کاڌو نه ڏيڻ جو بيان هٿ ٺوڪيو ۽ بي بنياد آهي. ٻنهي زال مڙسن کي معمول موجب انهن جي کائڻ پيئڻ جون سموريون شيون مهيا ڪيون پيون وڃن.

پنهنجي هڪ بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته جيڪو شخص ٻنپهرن جو 12 وڳي اٿندو آهي اهو روزو ڪيئن رکي ٿو سگهي،  پي ٽي آءِ باني کي هفتي ۾ 3 ڏينهن گوشت، سبزيون، داليون، چقندر جو جوس ملي رهيو آهي پي ٽي آءِ باني کي ڪافي، بوائل ٿيل بيضا، خشڪ ميوه، کائڻ لاءِ ملي رهيا آهن. بشريٰ بي بي جو جيڪو به کائڻ جو دل چوندو آهي اهو ڏنو ويندو آهي.

پنجاب جي اطلاعات واري وزير چيو ته پشاور ۾ ويٺل هڪ شخص کي خواب آيو آهي ته انهي جي آقا کي جيل ۾ ماني نه پئي ڏني وڃي. 2 ڏينهن اڳ انهن جي پارٽي جي ترجمان به پي ٽي آءِ باني جي بيماري بابت ڪوڙ ڳالهايو هو.

هن چيو ته  ڪالهه پمز اسپتال جي چئن سينئر ڊاڪٽرن جي ٽيم اڌ ڪلاڪ هن جو تفصيلي طبي معائنو ڪيو آهي، ڊاڪٽرن پي ٽي آءِ باني کي مڪمل صحتمند قرار ڏنو آهي، جڏهن هنن جي پارٽي وٽ ڪو ڪارڊ وڪرو نه ٿيندو آهي ته هي مظلوميت جو ڪارڊ ۽ همدردي ڪارڊ  کيڏڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں