116

جيل جو خوف ناهي، چاهي ڦاسي ڏيو: جج ۽ يوسف رضا گيلاني وچ ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد: ٽڊاپ ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني ۽ وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي جج وچ ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿي.

ڪراچي جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني خلاف ٽڊاپ ڪرپشن اسڪينڊل جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران عدالت يوسف رضا گيلاني کان پڇاڻو ڪيو ته توهان ڪهڙي جيل ۾ وڃڻ چاهيو ٿا، ڪراچي، ملتان يا اسلام آباد، جنهن تي يوسف رضا گيلاني چيو ته مان جيل کان نٿو ڊڄان، جيل اسان لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي، توهان چاهيو ته مون کي ڦاهي ڏيو، سينيٽ چيئرمين جي جواب تي اينٽي ڪرپشن عدالت جا جج مسڪرائي ويا.

عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان کي گهر ۾ جيل ڇو پسند ناهي؟ جنهن تي يوسف رضا گيلاني چيو ته منهنجو جنم ڀومي ملتان آهي، خاندان لاهور ۽ سينيٽ آفيس اسلام آباد آهي.

بعد ۾ وفاقي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ جي جج چيو ته گيلاني صاحب توهان تي ڪو به الزام ثابت نه ٿيو آهي، تنهن ڪري توهان کي بري ڪيو وڃي، جڏهن ته جن ماڻهن توهان جي خلاف بيان ڏنا اهي هاڻي ان ڪيس ۾ جوابدار بڻجي ويا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں