اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ عورتن جي تعليم چيلينج هو جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪيترائي اهم قدم کنيا ويا آهن.
سڄي دنيا ۾ اڄ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي انهي ڏينهن جي حوالي سان صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف معاشري ۾ عورتن جي اه ميت کي اجاگر ڪندي پيغام ڏنا آهن.
صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان عورتن جي حقن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، عورتن کي تعليم، معيشت ۽ قيادت ۾ اڳيان آڻڻ پوري قوم جي فائدي ۾ آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته عورتن کي هن وقت به تشدد ۽ امتيازي سلوڪ جهڙن چيلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي عورتن جي تحفظ ۽ معاشي آزادي جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ڪاروباري ۽ نجي شغبي ۾ عورتن کي محفوظ ماحول ۽ هڪ جهڙو اجورو ڏنو وڃي.
آصف زرداري وڌيڪ چيو ته معاشي سرگرمين ۾ عورتن جي شموليت جي لاءِ پاليسين تي ڪم جاري آهي، اڄوڪي ڏينهن تي عورتن کي بااختيار بنائڻ جي ارادن جو اظهار ڪريون ٿا، پاڪستان آئيني قلمن، عالمي معاهدن موجب عورتن جي حقن کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي.
عورتن جي عالمي ڏينهن تي وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جي تعليم چيلينج هو، خاص طور تي ڏکڻ پنجاب ۾ عورتن جي تعليم جو سنگين مسئلو هو، تعليم جي چيلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا، هن چيو ته عورتن مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ ملڪي معيشت کي مضبوط بنائڻ ۾ عورتن جو اهم ڪردار آهي.
تقريب کي خطاب ڪندي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته عورتون قوم جون معمار آهن، ڪنهن به معاشري ۾ عورتن جو ڪردار اهميت جوڳو آهي، عورتن پاڪستان جي ترقي ۾ هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو، فاطمه جناح، شهيد بينظير ڀٽو، عاصمه جهانگير، ارفع ڪريم ۽ ملالا يوسفزئي عزم ۽ همت جون مثال آهن.