اسلام آباد: موسميات کاتي اڄ کان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب مغربي هوائن جو سلسلو 9 مارچ کان ملڪ جي اترين علائقن ۾ داخل ٿيندو ۽ مغربي هوائن جو اهو سلسلو ملڪ ۾ 16 مارچ تائين برقرار رهندو.
موسميات کاتي موجب 9 کان 16 مارچ جي دوران چترال، مري، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته 10 مارچ تي اسلام آباد، راولپنڊي، اٽڪ، جهلم، چڪوال، پشاور، چارسده ۽ مردان ۾ به برسات جو امڪان آهي جڏهن ته 12 کان 16 مارچ جي دوران پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب 14 ۽ 15 مارچ تي بلوچستان جي علائقن ۾ کنوڻ سان تيز برسات جو امڪان آهي، برساتن سبب اسلام آباد، لاهور، پشاور، ڪوئٽه ۽ ٻين شهرن ۾ ٻوڏ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ تيز برفتاري سبب روڊ بند ٿيڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب خيبرپختونخواهه، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز برساتن سبب لينڊ سلائيڊنگ جو امڪان آهي، ان ڪري مهاڻا، سياح ۽مسافر محتاط رهن، جڏهن ته هاري نقصان کان بچڻ جي لاءِ اڳواٽ قدم کڻن.